اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري آڊيو ليڪ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪي آڊيو ليڪ ڪري رهيا آهن، اڳ ۾ انهن تي ايڪشن ٿيڻ گهرجي، ڇو ته آڊيو ليڪ ڪندڙن تي ايڪشن کانپوءِ اڳتي جا معاملا ڏٺا ويندا.هن سوال ڪيو ته آڊيو ليڪ ڪير ڪري رهيو آهي؟ صحافين کي آڊيوز ڪير موڪليندو آهي؟سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي اسيمبليون بحال ڪرڻيون آهن ته اڳ ۾ آئين کي ئي ختم ڪرڻو پوندو، وڏي وزير وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار آهي، اڳ ۾ ان کي ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو.فواد چوڌري چيو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن اهو ڄاڻيندي ووٽ ڏنو ته اسيمبليون ٽٽنديون، ان کان وڏو جمهوري عمل ڪهڙو هوندو، جيڪڏهن اسيمبليون بحال ٿين ٿيون ته وري ٽٽي وينديون.