عمران خان جي 2 ڪيسز مان عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت ۽ بينڪنگ ڪورٽ عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اي ٽي سي اسلام آباد ۾ پيش ٿيو. عمران خان سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس تي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي. عدالت ان کان اڳ عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.ٻئي طرف بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد ۾ عمران خان خلاف پرڏيهي ايڪسچينج ايڪٽ جي تحت پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.عمران خان جي جوڊيشل ڪاپليڪس پهچڻ تي سخت بدنظمي ڏسڻ ۾ آئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جوڊيشل ڪامپليڪس جا دروازا ڀڃي ڇڏيا ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪن جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ داخل ٿي ويا، جي 11 جوڊيشل ڪامپليڪس تي سيڪيورٽي جا انتظام درهم برهم ٿي ويا. پي ٽي آءِ ڪارڪنن سمورين رنڊڪن کي هٽائي ڇڏيو.سيڪيورٽي اهلڪار ڪارڪنن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا جنهن سبب عمران خان کي عدالت جي ڪمري تائين وٺي وڃڻ ۾ سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ 4 مختلف هنڌن تي پيشي جي لاءِ اسلام آباد پهتو آهي.