لاهور: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته جڏهن به حڪم ملندو تڏهن اسان شفاف چونڊن جو اعلان ڪنداسين.لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيوته مون ڪابه انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي، منهنجو خيال هو ته گرفتاريون ڏيندڙ تمام گهڻا هوندا، تمام گهڻين گرفتارين کي نظر ۾ رکندي ڪجهه ماڻهن کي ٻين شهرن جي جيلن ۾ اماڻيو ويو.چونڊون ڪرائڻ بابت خيالن جو اظهار ڪندي محسن نقوي چيو ته اسان کي جڏهن به حڪم ملندو چونڊون ڪرائينداسين، محسن نقوي چيو ته مان لاهور جو رهواسي آهيان، لاهور جو ڪوبه منصوبو رڪجڻ نه ڏيندسئ هلندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي. جيڪي منصوبا گهٽ وقت ۾ مڪمل ٿي سگهن ٿا انهن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرائينداسين.پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته پي سي بي سان معاهدو ٿي ويو آهي، پي سي بي لائٽون پاڻ خريد ڪندو. لائٽون ڀاڙي تي نه وٺنداسين صرف لائٽن جي ڀاڙي جي مد ۾ گذريل سال 60 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا. هلندڙ سال به لائٽن جي ڀاڙي جو خرچ 50 ڪروڙ روپيه هو.