ڪراچي: ملڪ ۾ اڄ سون جي قميت ۾ واڌ سامهون آئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 300 رپيا وڌڻ کانپوءِ هڪ لک 94 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 66 هزار 666 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر ٻه دالر گهٽجي 1810 ڊالر في اونس آهي.