شنگهائي ٿرڪول منصوبي بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي: خرم دستگير

اسلام آباد: توانائي بابت وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته شنگهائي ٿرڪول منصوبي سان بجلي جي پيداوار شروع ٿيڻ سان نواز شريف ۽ بينظير جي خواب جي تعبير ٿي وئي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خرم دستگير چيو ته شنگهائي ٿرڪول جي منصوبي بجلي جي پيداوار شروع ڪري ڇڏي آهي، اهو منصوبو 1320 ميگا واٽ جو آهي، ٿل نووا جو 330 ميگا واٽ جو منصوبو به مڪمل ٿي ويو آهي.هن چيو ته نواز شريف ۽ بينظير جي خواب جي تعبير ٿي وئي، هڪ سال ۾ ٿر مان هڪ هزار 980 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته ٿر ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلي جا ذخيرا آهن ۽ هتان هڪ لک ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش آهي، جڏهن ته وڌيڪ 100 ميگا واٽ بجلي درآمد لاءِ ايران گوادر جي پهچ جي لائن مڪمل ٿي وئي آهي.