ساهيوال: ن ليگ جي سينئر نائب صدر مريم نواز ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي چونڊن جي تياري ڪن، عوام سان رابطو وڌائين.مريم نواز ساهيوال ۾ مرڪزي تنظيم جي اجلاس ۾ خطاب دوران ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي آڻيندڙ ڪردارن جا نالا ٻڌايو.هن چيو ته جيتري وڏي انگ ۾ عورتون ۽ نوجوان تنظيم ڪنوينشنز ۾ اچي رهيا آهن، اها حقيقي تبديلي آهي، اسان کي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي.