ٺڪراٺو : ڀرسان ٿاڻو مبارڪپور جي حد ڳوٺ اوچيهر ۾ سڱاوتي معاملي تان اغوا ٿي ويل عورت ۽ سندس ٻھ ٻار بازياب نہ ٿي سگھيا ايس ايس پي سکر پاران عورت جي بازيابي لاء جوڙيل پوليس جي ٽيم ٻوٽو نہ ٻاريو وارثن جو مغوي عورت جي ٻن معصوم ٻارڙن سميت احتجاج پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي ظاهر ، پوليس جي لاپرواهي ۽ مغوي آزاد نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ٺڪراٺو لڳ ٽي ڏينھن اڳ ڳوٺ اوچيھر ۾ مھربرادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ سڱاوتي معاملي تان هڪ ڌر جي ھٿياربندن پاران علي نواز مهر جي گهر تي چڙهائي ڪري گهر ۾ ستل هڪ عورت سميت ڇهن ڄڻن کي مرڻينگ ڪرڻ بعد ھٿيار بند سندس گهر واري مائي زبيدہ ۽ سندس ڌئ زليخان ۽ ٻارڙو قالو مھر کي اغوا ڪري ويا گذريل ٽن ڏينهن ۾ مغوي بازياب نہ ٿي سگھيا ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ پاران ڊي ايس پي پنوعاقل غلام محي الدين ڪلوڙ ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور صداحسين لنڊ جي سربراھي ۾ عورت ۽ ٻارڙن جي بازيابي لاء جوڙيل ٽيم ٻوٽو نہ ٻاريو ، متاثر ڌر پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوسي ظاھر ڪندي مغوي عورت ۽ ٻارن جي بازيابي لاء احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاهرين علي بخش مھر سومر مھر ۽ گھر ۾ رھجي ويل ٻن معصوم ٻارڙن 8 سالا پٽ شاھنواز ۽ 7 سالا ڌي لطيفان پنھنجي امڙ جي بازيابي لاء احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان جي امڙ ڀاء ۽ ڀيڻ کي جوابدار اغوا ڪري ويا آھن ھن مهل تائين پوليس ڪا بہ مدد نہ ٿي ڪري معصوم ٻارڙن ميڊيا آڏو روئيندي چيو تہ رات جو امڙ کان سواء ننڊ بہ نہ ٿي اچي امڙ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي مظاھرين چيو تہ پوليس رڳو جوابدارن جي گھرن مٿان پھرو ڏئي رھي آھي اسان جي عورت ۽ ٻارڙن جي بازيابي لاء سنجيدہ ناھي ايس ايس پي جي جوڙيل ٽيم تي اسانکي اعتماد ناھي ھوڏانھن ڊي ايس پي پنوعاقل غلام محي الدين ڪلوڙ جو چوڻ ھو تہ جوابدارن جي گرفتاري لاء وارث جتي نشاندھي ڪندا اتي ڪاروائي ڪنداسين ڪجھ ھنڌن تي ڇاپا بہ ھنيان آھن عورت ۽ ٻارڙن جي بازيابي لاء ڌرين جي اميرن سان بہ رابطي ۾ آھيون ھوڏانھن مظاھرين ۽ عورت جي معصوم ٻارڙن آء جي سنڌ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو تہ مغوي عورت ٻارڙن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي
