سکر(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ٻاهران نيو ڪراچي واسي محمد باقر پٽ عاشق حسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ٻاهران نيو ڪراچي واسي محمد باقر پٽ عاشق حسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته جوابدار محسن، وقاص، وقار، اعجاز ۽ ذوالفقار مون کي ناحق ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رهيا آهن،ڄاڻايل جوابدارن مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته هي علائقو ڇڏي ڪنهن نامعلوم هنڌ هليو وڃي، نه ته تون کي نه ڇڏينداسين، جنهن سبب مان خوف واري زندگي گذاري رهيو آهيان، هن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ججن ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته تحفظ ڏئي جان بچائي وڃي.