اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اڳ ۾ احتساب پوءِ چونڊ جو نعرو هڻي شريف فيملي ۽ آصف زرداري جنرل ضياءَ کي پنهنجو پير مڃي ورتو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس هڪ اهم معاملو آهي، اسان چاهيون ٿا ته سڀني جو اتفاق راءِ هجي پر انهن جا مطالبا اهي آهن ته اڳ ۾ عمران خان کي ڊس ڪواليفاءِ ڪيو، پوءِ نواز شريف جا ڪيس معاف ڪيو، انهن حالتن ۾ اتفاق راءِ ڪيئن ٿيندو؟هن چيو ته شريف فيملي پنهنجي پاڻ کي جنرل ضياءُ الحق جو جان نشين ثابت ڪيو آهي، زرداري صاحب جنرل ضياءَ کي پنهنجو پير مڃي چڪو آهي.سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آئين جي حفاظت لاءِ وڏو قدم کنيو آهي، ن ليگ طرفان سپريم ڪورٽ کي ورهائڻ پراڻي روايت آهي، ن ليگ ججن کي ورهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.