سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران سينٽرل جيل سکر جي قيدي ڀڄائڻ واري ڪيس ۾ جيل اهلڪار قمرالدين کهڙو ۽ ممتاز ملڪ جي گرفتاري کان اڳ واري 50-50 هزار روپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي ان سلسلي ۾ ڦڦٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مان ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد جيل اهلڪار قمرالدين کهڙو ۽ ممتاز ملڪ طرفان سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ۾ ضمانت لاء درخواست داخل ڪرائي هئي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ارشاد علي شاهه جي عدالت قيدي بابو سنگهڙ جي ڀڄائڻ واري ڪيس ۾ جوابدار ٻن جيل اهلڪارن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالت جيل اهلڪار قمرالدين کهڙو ۽ ممتاز ملڪ جي گرفتاري کان اڳ واري 50-50 هزار روپين عيوض عبوري ضمانت 20 مارچ تائين منظور ڪري ورتي آهي۔درخواست گزارن جي وڪيل امداد ملڪ عدالتي احاطي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته جيل کان ٻاهر قيدي فرار ٿيڻ سان جوابدار پوليس اهلڪار جي ذميواري ناهي هوندي جيڪڏهن جيل مان فرار ٿئي ها ته پوء اهي ذميوار هئا عدالت دليل ٻڌڻ بعد گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت 20 مارچ تائين ڏني آھي۔