غوثپور شھر ويجهو ڳوٺ ڄام نندو ڀيو ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب پوليس اهلڪار غلام علي ڀيو

غوثپور شھر ويجهو ڳوٺ ڄام نندو ڀيو ۾ مبينا گولي لڳڻ سبب پوليس اهلڪار غلام علي ڀيو جو ويهه ورهين جو پٽ اشفاق احمد ڀيو فوت ٿي ويو۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب رات دير سان ڳوٺ ڄام نندو ڀيو ۾ رات دير سان شادي جي تقريب ۾ خوشي ۾ ٿيل فائيرنگ ۾ نوجوان اشفاق احمد ڀيو سخت زخمي ٿي پيو جنھنکي سندس وارث ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ڪنڌڪوٽ کڻائي ويا جٿي ڊاڪٽرن کيس حالت نازڪ ھجڻ سبب سکر اسپتال جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ موڪليو ويو جٿي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو۔ اھڙي اطلاع بعد سندس جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ شادي جون خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون۔ ٻئي پاسي فوتي نينگر جي والد پوليس اھلڪار غلام نبي ڀيو ٻڌايو ته منھنجي پٽ کي ڪنھن اڻ ڄاتل ماڻھو وجھ وٺي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي۔ غوثپور پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔۔