سکر ؛ ضلعي ۾ برساتن ۾ رليف ۽ متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ضلعي ڊزاسٽر مينيجمنٽ کاميٽي جو اهم اجلاس ڊي سي آفيس سکر جي ڪارنفرنس هال ۾ منعقد ٿيو اجلاس ۾ صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير صنعت واپار ۽ باهمي امداد جام اڪرام الله ڌاريجو سميت ڪاميٽي جي چيئرمين ڊپٽي ڪمشنر شهزاد طاهر ٿهيم سميت سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ موجود متاثر ماڻهن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪيو وڃي انهن جي کاڌ خوراڪ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ميڊيڪل جي سهولتون فراهم ڪيون وڃن هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي جو نيڪال نه ٿيو آهي فوري پاڻي جو نيڪال ڪيو وڃي ضلعي انتظاميه متاثر ماڻهن کي موٽائڻ لاءِ انتظام ڪري متاثر ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙي گهرن تائين سهولت ڏني وڃي صوبائي وزير صنعت ۽ واپار ۽ باهمي امداد جام اڪرام الله ڌاريجو اجلاس دوران چيو ته عوام وڏي تڪليف ۾ آهي ۽ سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا اوليت جي بنياد تي ماڻهن کي رليف سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪن هن چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ ڊزاسٽر مينيجمنٽ سميت لاڳاپيل آفيسر پنهنجي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هن ڏکي وقت ۾ عوام جي خدمت ڪن اجلاس ۾ ضلعي ڊزاسٽر مينيجمنٽ ڪاميٽي جي چئيرمين ڊپٽي ڪمشنر شهزاد طاهر ٿهيم اجلاس دوران چيو ته ڊزاسٽر مينيجمنٽ ڪاميٽين کي يونين ڪائونسلن تائين وڌايو ويندو برسات سبب ڏينگي ۽ مليريا جهڙي وائرس کي ختم ڪرڻ لاءِ اسپري مهم روزاني جي بنياد تي ڪئي وڃي خانگي اسپتال ۾ ڏينگي ۽ مليريا جي دوائن جي موجودگي لازمي هجي ڊي سي سکر ڊرگ انسپڪٽر کي هدايت ڪئي ته دوائن جي کوٺ کي جلد ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ان خلاف سخت قانوني ايڪشن ٿيندو پ پ ايڇ آءِ ان سلسلي ۾ عملي ڪم ڪري ڏيکاري ڊي سي سکر چيو ته ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمون پنهنجي رجسٽريشن ضلعي انتظاميه وٽ ڪرائن ڊي ايڇ او ڏينگي ۽ مليريا جي اسپري ۽ ويڪسين لاءِ ٽيمون جوڙ ي فوري طور تي فيلڊ ۾ وڃي ۽ پاڻ نگراني ڪري هن ميونسپل ڪارپوريشن ۽ مليريا سپرنٽنڊنٽ کي هدايت ڪئي ته شهر ۾ موجود گندي پاڻي ۾ اسپري ۽ دوا ڪئي وڃي ڊي سي سکر چيو ته ليبر ڪالوني ٽينٽ سٽي ۾ ڳورهاري عورتن ۾ پروٽين ۽ ٻيون فوڊ سپليمنٽ فراهم ڪيون وڃن ڊي ايڇ او پ پ ايڇ آءِ ان سلسلي ۾ ٽيم مقرر ڪري
