سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪنهن به قسم جي نظرثاني جي ضرورت نه آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چونڊن جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي فيصلي تي نظرثاني جي ضرورت نه آهي نه ئي اهو تشريح جوڳو معاملو آهي.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته فيصلي تي نظرثاني جي ضرورت نه آهي. اسان موجب اها پٽيشن 3 جي مقابلي ۾ 4 سان رد ٿي وئي آهي. فاضل جج صاحبان اهو فيصلو ڏنو آهي ته هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري.اعظم نذير تارڙ چيو ته 2 ججز واضح چئي ڇڏيو آهي ته جسٽس يحيٰ ۽ جسٽس اطهر من الله اتفاق ڪن ٿا. ٻن ججز چيو ته اهي درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون. اهي درخواستون 3 جي مقابلي ۾ 4 سان رد ٿي ويون آهن. ٻن ججز پاڻ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.قانون واري وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس 2 ججز جي نوٽ کي فيصلو سمجهي ان کي بينچ ۾ شامل نه ڪيو. اڄ 5 رڪني بينچ جي 3 ججز زميني حقيقتون ڏسي 9 اپريل کان اڳيان وڃڻ تي مشاورت جو چيو. ٻنهي هاءِ ڪورٽس ۾ درخواستون اڃان تائين ٻڌڻي هيٺ آهن. فيصلي جي تشريح اتي به ٿي سگهي ٿي جيڪا آئيني ۽ قانوني ڳالهه آهي اهائي ٿيڻ گهرجي. هن فيصلي ۾ نظرثاني واري ڪابه ڳالهه ناهي. فيصلو چٽو هجي ته ان تي نظرثاني نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي به اختلاف هوندو ته اهو پاڻ وڃي تشريح ڪرائيندو.