سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري شروع

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پهرين ڊجيٽل آدمشماري اڄ کان شروع ٿي وئي آهي. 10 ورهين جي مقرر وقت کان 5 سال اڳ شروع ٿيندڙ آدمشماري هڪ مهيني تائين جاري رهندي.ڊجيٽل آدمشماري ۾ پاڪ فوج جا 86 هزار آفيسر ۽ جوان سيڪيورٽي ذميواريون نڀائيندا. ان حوالي سان شماريات کاتي جي ميمبر محمد سرور گوندل چيو آهي ته آدمشماري دوران عملي جو ماڻهو اوهان جي ڳڻپ ڪندو اهو جڏهن اوهان جي گهر ايندو ته اوهان جي گهر تي ٽيبليٽ سان گڏ جيو ٽيگ ڪندو. هر انوميٽر سان گڏ اسان جو پوليس جو جوان به گڏ هوندو.ڊجيٽل آدمشماري تحت هر اسٽرڪچر جي ٽيگنگ ٿيندي، گهرن توڙي ماڻهن جي ڳڻپ جو سمورو رڪارڊ روزاني جي بنياد تي خودڪار نظام ذريعي محفوظ ڪيو ويندو. گهر گهر پهچندڙ ڳڻپ عملو پنهنجي ٽيبليٽس ۾ سافٽ ويئر ذريعي سوالن جا جواب داخل ڪندو.سنڌ جي 30 ضلعن ۾ 43 هزار 838 سينسز بلاڪس قائم ڪيا ويا آهن، سنڌ جون قومپرست پارٽيون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊجيٽل آدمشماري تي خدشا ظاهر ڪري چڪيون آهن.هوڏانهن سنڌ ۾ شروع ٿيندڙ ڊجيٽل آدمشماري پهرين ڏينهن ئي رولڙي جو شڪار ٿي وئي، ڪيترن ئي شهرن ۾ عملي پاران سامان ۽ ٻيا وسيلا نه ملڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهوليت نه هئڻ يا گهٽ اسپيڊ ۽ سگنلز جي ڪم نه ڪرڻ جون پڻ دانهون ڪيون ويون.