ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو ۾ سيف جي اسڪولن جو افتتاح ايم ڊي سيف شريڪ ٿري علائقن ۾ اسڪولن جي ڪارڪردگي جو بھتر ھجڻ سٺي ڳالھ آھي

ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو ۾ سيف جي اسڪولن جو افتتاح ايم ڊي سيف شريڪ ٿري علائقن ۾ اسڪولن جي ڪارڪردگي جو بھتر ھجڻ سٺي ڳالھ آھي سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته ٻار اسڪولن ۾ اچن ۽ والدين به ٻارن جي تربيت ڪن ايم ڊي سيف خبر موجب سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته ٻار اسڪولن ۾ اچن جيئن سندن مستقبل سنورجي سگھي پھريان سوچيو ھيو ته ٿري علائقن ۾ اسڪول ڪيئن ھلندا پر ھتي اچي ڏٺو ته دل خوش ٿي وئي ته والدين ۾ شعور اچي ويو آھي ۽ ھو پنھنجي اولاد کي پڙھائڻ لا۽ ڪوشش ڪن ٿا اھڙو اظھار مينيجنگ ڊائريڪٽر سيف عبدالڪبير قاضي ضلعي سکر جي پوئتي پيل يوسين مبارڪپور ۽ روپھر ۾ اسڪولن جي افتتاحي تقريبن ۾ شرڪت دوران ڪيو ايم ڊي قاضي عبدالڪبير سيف پاران ڳوٺ يوسف سمون ۾ کوليل روپھر ايجوڪيشنل ڊولپمينٽ اپروچ اسڪولنگ سسٽم اسڪول ۽ ڳوٺ راڻو مھر ۾ سنڌ ماڊل اسڪول جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آھي ته ٻار وڌ ۾ وڌ اسڪولن ۾ اچن ۽ پڙھن والدين به پنھنجي ٻارن جي تربيت ڪن جيئن سندن مستقبل سنورجي سگھي ھن چيو آھي ته سکر جي ريجنل آفيس کي خيرپور منتقل ڪري رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته ان ضلعي ۾ سيف جا 4 سئو اسڪول آھن اتي ٽريننگ سينٽر کولي استادن جي تربيت ڪنداسين جيئن سندن فائدو ٿئي ان موقعي تي ھن سان ريجنل ھيڊ سکر مشتاق سومرو ڊسٽرڪٽ ھيڊ صلاح الدين اوستو ۽ اسڪول پارٽنر اصغر سمون محمد حسن منگي ۽ ٻيا گڏ ھئا.