89

وڌيڪ قيد رکڻ ٽرائل کان اڳ سزا ڏيڻ جي برابر هوندو: شهباز گل جي ضمانت واري ڪيس جو فيصلو جاري

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ شهباز گل جي ضمانت واري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي چيف جسٽس اطهر من الله 6 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو لکت ۾ جاري ڪيو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز گل جو بيان غير ذميواراڻو هو پارٽي ترجمان ۽ ماهر تعليم هجڻ جي دعويدار کان لاپرواهي واري بيان جي اميد نه هئي پاڪ فوج طرفان ڪيس ۾ ڪابه شڪايت نه ڪئي وئي پاڪ فوج جو نظم ضبط ايترو ڪمزور نه هو جو ڪنهن سياسي اڳواڻ جي لاپرواهه بيان سان متاثر ٿي وڃي
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پوليس ڪي به شاهديون ناهي ڏئي سگهي شهباز گل اڳ يا بعد ۾ ڪنهن آفيسر يا سپاهي سان رابطو ڪيو شهباز گل کان جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ان ڪري کيس وڌيڪ جيل ۾ نٿو رکي سگهي تحريڪ انصاف اڳواڻ کي وڌيڪ جيل ۾ رهڻ بنا ڪنهن فائدي جي هوندو پر کيس قيد رکڻ ٽرائل کان اڳ سزا ڏيڻ جي برابر هوندو جسٽس اطهر من الله چيو ته هر ٻڌڻي تي عدالت ۾ حاضري يقيني بنائڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ شهباز گل کي پابند ڪري سگهي اهڙو ڪوبه جواز پيش ناهي ڪيو ويو جنهن سان شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد ڪريون شهباز گل جي 5 لک روپين جي ضمانتي مچلڪن تي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو