پشاور سينٽرل جيل مان منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي فرار

پشاور: پشاور جي سينٽرل جيل مان منشيات ڪيس ۾ سزا ڪاٽيندڙ قيدي فرار ٿي ويو.سوات منشيات اسمگلنگ جو قيدي سيف الرحمان جو تعلق سوات سان آهي.آءِ جي جيل سعادت حسن قيدي جي فرار ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي.ميڊيا رپورٽس موجب سپرنٽنڊنٽ جيل پشاور مقصود خان جو چوڻ آهي ته قيدي جي فرار ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٻن آفيسرن سميت نوَ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.