85

حيدرآباد سکر موٽر وي جي تعمير بابت وڏي وزير ۽ وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿي گذريو

حيدرآباد: سکر حيدرآباد موٽر وي ۽ ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي تعمير جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مواصلات واري واري وزير اسد محمود جي صدارت هيٺ اجلاس اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڄام خان شورو ضياءَ عباس شاهه چيف سيڪريٽري شعيب راجپوت چيئرمين پي اينڊ ڊي سيڪريٽري ورڪس عمران عطا سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرميبن ڪيپٽن ر محمد خرم ميمبر اين ايڇ اي منير ميمڻ جنرل مئنيجر پلاننگ اين ايڇ اي اڪرام ثقلين جنرل مئنيجر پي پي پي اين ايڇ اي فضين طاهر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جي ايم افتخار محمود ۽ جي ايم سکر حيدرآباد موٽر وي پرڪاش شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سکر حيدرآباد موٽر وي ايم سڪس جي تعمير تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ۾ آهي ايم سڪس موٽر وي اهم روڊ آهي جنهن کي سي پيڪ منصوبي ۾ نظر انداز ڪيو ويو اسان چاهيون ٿا ته هن روڊ جو ڪم جلد شروع ٿئي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سکر ملتان ايم فائيو موٽر وي تي ميرپورماٿيلو انٽرچينج جي تعمير ۽ ان کي قومي شاهراهه سان ملائڻ وارو منصوبو شامل آهي شهدادڪوٽ باءِ پاس عمرڪوٽ انٽرچينج سکر روهڙي پل ۽ لياري ايوليٽيڊ پرائيڊ ڪوريڊور شامل آهن اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد محمود چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي 1.37 ٽريلين روپيه خرچ ايندا سنڌ ۾ اين ايڇ اي جون پي ايس ڊي پي ۾ شامل اسڪيمون ترجيحي بنيادن تي آهن هن چيو ته پي پي پي موڊ تي حيدرآباد اين ايڇ اي منصوبي کي مڪمل ڪنداسين 14000 ڪلو ميٽر منصوبو پشاور کان سکر تائين وفاقي حڪومت سي پيڪ ۾ شامل ڪيو آهي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اين ايڇ اي جي چيئرمين چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي جي تعمير ۾ دير ٿيڻ تي افسوس آهي سکر حيدرآباد موٽر وي 306 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي مسلم ليگ ن جي اڳوڻي حڪومت منصوبي تي ٻولي لڳائي جنهن ۾ وڏي رعايت گهري وئي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت تبديل ٿيڻ سان منصوبي جي ٻولي لڳائڻ تي مسئلا پيش ايندا رهيا هن وقت هن منصوبي جي ٻولي لڳي چڪي آهي صرف فيصلو ڪرڻ باقي آهي منصوبو اڍائي سالن ۾ مڪمل ٿي ويندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو