آصف زرداري خلاف عمران خان کي قتل جي سازش جو الزام: شيخ رشيد تي اڄ به فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي

اسلام آباد: آصف زرداري مٿان عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش واري الزام جي ڪيس ۾ شيخ رشيد مٿان فرد جرم اڄ به لاڳو نه ٿي سگهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ شيخ رشيد خلاف آصف زرداري تي عمران خان جي قتل جي سازش جي الزامن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.شيخ رشيد جوڊيشل مئجسٽريت عمر شبير جي عدالت ۾ طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته طبيعت خراب آهي، ڊاڪٽرن آرام جو مشورو ڏنو آهي جنهن سبب اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهان، حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. شيخ رشيد جي ميڊيڪل رپورٽ به درخواست سان گڏ جوڙي وئي آهي.عدالت شيخ رشيد جي طبي بنيادن تي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي ۽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 21 مارچ مقرر ڪري ڇڏي آهي.ياد رهي ته شيخ رشيد مٿان اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻي هئي، عدالت طرفان کيس حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. گذريل ٻڌڻي تي پوليس ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.