اسلام آباد: ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي ۽ عدالتن ٻاهران مظاهرن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب وفاقي راڄڌاني ۾ قلم 144 لاڳو آهي ۽ دهشتگردي سميت ٻين خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.ترجمان چيو ته عدالتي احاطي ۾ صرف وڪيلن، صحافين ۽ لاڳاپيل ماڻهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ياد رهي ته جوڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامو ڪرڻ جي الزام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سميت 21 اڳواڻن خلاف رمنا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.