شھدادپور: لڳ ٽنڊو آدم ڀرسان ڳوٺ عبدالمجيد ڏيرو ۾ زمين جي تڪرار تان ملاح ۽ ملوکاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ 2 ڄڻا مارجي ويا 6 ڄڻا زخميرپورٽ موجب ٽنڊو آدم سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالمجيد ڏيرو ۾ ملوکاڻي ۽ ملاح برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين پاران فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ملاح برادري جا 2 ڄڻا 35 ورهين جو روشن ملاح ۽ 30 ورهين جو عرس ملاح موقعي تي مارجي ويا.جڏهن ته ملاح برادري جا 3 ڄڻا غلام نبي ملاح، ملوڪ ملاح ۽ احسان الله ملاح جڏهن ته ملوکاڻي برادري جا 3 ڄڻا محمد شريف ملوکاڻي، غلام مصطفيٰ ملوکاڻي ۽ محمد جعفر ملوکاڻي زخمي ٿي پيا آھن فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي زخمين مان محمد شريف ملوکاڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي۔ اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.