ڪابل: افغانستان جي صوبي خوست ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي اهم ڪمانڊر سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 15 سخت زخمي ٿي پيا.ذريعن موجب بارودي سرنگهه ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ عبدالمنان، عالم خان مده خيل، ڪجير جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته 3 نامعلوم دهشتگرد آهن جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ دهشتگردن ۾ ڪمانڊر فضل امين، ڪمانڊر محمد عرف طوفان، ڪمانڊر نورپايوخان، فقيرالله تروزئي، ستڪئي، علي سرخان، زبير، هجرت الله، ڪمال، شير افضل، بخت الله، ذبيح الله ۽ 2 نامعلوم دهشتگرد شامل آهن.ذريعن موجب ڌماڪي ۾ اهم ڪمانڊرز جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ٽي ٽي پي جي اهم اڳواڻن ۾ سخت مايوسي ۽ اختلافن جي لهر ڇائنجي وئي آهي. ٽي ٽي پي اڳواڻن ۾ هاڻ اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته پاڪستاني وفد جي افغانستان پهچڻ کان پوءِ ئي ٽي ٽي پي جي لاءِ مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي.