آرمي چيف جنرل عاصم منير جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم هائوس پهتو جتي هن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشوارانه معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي سلامتي جي معاملن تي به خيالن جو اظهار ڪيو ويو. ان کان علاوه ٻنهي سربراهن خطي جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون.ياد رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ کان پوءِ ٻنهي سربراهن جي ملاقات اهميت جوڳي آهي. ڊگها امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ته مستقبل جي حوالي سان هن ملاقات ۾ ڪو فيصلو ڪيو وڃي.