اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر گهٽيو آهي پر پاڪستان ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر هڪ ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1836 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.هوڏانهن پاڪستان ۾ خميس ڏينهن في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيب وار 9 هزار 400 رپيا ۽ 8 هزار 58 رپيا واڌ ٿي.اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ پشاور جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 6 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 77 هزار 40 رپيا ٿي وئي آهي.