سکر(بيورو چيف محمد قاسم ملڪ )عدم برداشت يا جهالت جي انتها، پنوعاقل ۾ ڪڪڙ چوري ڪرڻ تي عورت کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

تفصیلات مطابق ڳوٺ چندن ميراڻي ۾ جوابدارن فائرنگ ڪري ٻن ٻارن جي ماءُ صوبيه ميراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا جي مڙس عبدالجبار جو چوڻ آهي ته ڪالهه مان شهر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويس ته منهنجي پٺيان مون تي ڪڪڙ چوري ڪرڻ جو الزام هنيو ويو. صبح جو جوابدار اسد، مجيب، شير گل، موسيٰ ۽ ٻيا گهر ۾ داخل ٿي مون تي حملو ڪيو، ۽ سدي فائرنگ ڪري ڏنائون جڏهن ته مان پاسي ٿي ويس ته جوابدارن منهنجي زال کي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ آساني سان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.