اڳڙا ويجهو ناري مبينا طور اغوا، وارثن جو ڌرڻو، هڪ جوابدار سوگهو

اڳڙا: اڳڙا ويجهو ڳوٺ مراد منڱلو مان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، وارثن طرفان ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو، هڪ جوابدار گرفتار ٿي ويو.جڏهن ته مبينا اغوا ٿيل ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته جوابدار هٿيارن جي زور تي ناري شريفان ڌيءَ رجب منڱلو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، اسان جي نياڻي جي زندگي کي خطرو آهي، انصاف ڪيو وڃي.هوڏانهن اڳڙا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته منڱلا برادري جو پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار آهي، ناري جي اغوا جي جاچ ڪري رهيا آهيون، هڪ جوابدار ظهير منڱلو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ڏهن ته ناري جي وارثن جي فرياد تي خادم، فوجي روشن، غلام قادر ديدار، سعود ۽ لياقت منڱلو تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.