ڊالر جي سپر اڏام ريورس: 12 رپيا 31 پئسا سستو ٿي ويو

ڪراچي: امريڪي ڊالر جي ملهه ۾ ريڪارڊ ٽوڙ اضافي کانپوءِ تيزيءَ سان گهٽتائي اچڻ لڳي آهي. اڄ انٽربينڪ ۾ ڊالر 12 روپيا 31 پئسا سستو ٿي ويو، ملهه ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڊالر هاڻي 272 روپيا 78 پئسن جي سطح تي اچي ويو گذريل ڏينهن ڊالر 18 روپيا 98 پئسن جي واڌ سان 285 روپين ۽ 9 پئسن تي بند ٿيو هو.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي گذريل ڏينهن وياج جي شرح ۾ اضافي سبب ٿي آهي، وياج جي شرح وڌائڻ سان سيڙپڪارن ۽ مارڪيٽ کي اهو پيغام ويو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ وڃڻ لاءِ سنجيده آهي.گذريل ڏينهن ڊالر جي ملهه ۾ 18 روپين 98 پئسن جو ريڪارڊ اضافو ٿيو هو، گذريل ڏينهن ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 285 روپين ۽ 9 پئسن جو ٿي ويو هو.