سکر:تحريڪ لبيڪ پاڪستان سکر ڊويزن پاران مهانگائي، بيروزگاري، گئس، بجلي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو۽ حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.احتجاجي ريلي جي اڳواڻي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ناظم اعليٰ سکر ڊويزن مولانا محمد عبدالولي قادري ڪئي، ان موقعي تي صاحبزاده سيد حامد محمود شاهه فيضي ۽ ٻين اڳواڻن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مٿين اڳواڻن چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ان ۾ واڌ ڪري رهي آهي. انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي مظلوم عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو غريب عوام مهانگائي جو شڪار آهي ۽ حڪومت ان تي ضابطو آڻڻ بدران ان کي وڌائي رهي آهي. مهانگائي ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ امپورٽيڊ حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، مٿين اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو نوٽيس وٺن ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.