ڄامشورو: هائير ايجوڪيشن اسلام آباد جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار علي شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو اسلام آباد ۾ هيڪ چيئرمين ڊاڪٽر مختار علي سان انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي.ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو يونيورسٽي سان لاڳاپيل معاملن، فنڊن جي اڻ هوند، ضرورتن، تعليمي سڌارن لاءِ جوڙيل پلان ۽ ٻين معاملن بابت هيڪ چيئرمين کي آگاهي ڏني.ڊاڪٽر مختار علي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کي شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي جي پهرين مستقل وي سي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ تعمير بابت هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.هيڪ چيئرمين يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ، فنڊن جي کوٽ جا معاملا حل ڪرڻ، اسڪالرشپس، آرٽ جي واڌاري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو هيڪ چيئرمين جا ٿورا مڃيا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.