سکر:انصاف سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران خيرپور ضلعي جي اڪري چودڳي ڪوٽ لالو ۾ 2022 جي برسات ٻوڏ متاثرين ۾ انٽر نيشنل آرگنائيزيشن فار i o m جي سهڪار سان هڪ هزار خاندانن ۾ گرم ڪپڙا۔ڪمبل ۽ کاڌي پيتي جو سامان ورهايو ويو۔انصاف سوشل ويلفيئر جي صدر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ۔عبدالغفار۔غلام سرور۔شھزاد علي۔محمد اسلام ۽ ٻين ڪوٽ لالو واري علائقي ۾ پهچي متاثرين کي سامان ڏيڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي ان موقعي تي انصاف سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر ڊاڪٽر ربنواز ڪلوڙ جو چوڻ هو ته انصاف ويلفئير آرگنائيزيشن قدرتي آفتن دوران متاثرين جي ڀرپور مدد ڪندي رهي آھي جڏهن ته انٽر نيشنل آرگنائيزيشن فار i o m جي تعاون سان هڪ هزار کان وڌيڪ برسات ٻوڏ متاثرين ۾ کاڌ خوراڪ سميت گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ورهايو آھي ۽ اڳتي به اهو سلسلو جاري رهندو۔