اڄ رات چنڊ ڪعبت الله جي مٿان هوندو

جده: اڄ رات چنڊ ڪعبت الله جي مٿان هوندو.عرب ميڊيا موجب جدي ۾ فلڪياتي سوسائٽي جي سربراهه انجنيئر ماجد ابو زاهره چيو آهي ته گرينيج ٽائم موجب رات 7 لڳي 43 منٽن تي چنڊ 89.5 ڊگري کان مٿي مڪي شريف جي آسمان تي نظر ايندو.چنڊ پاڪستاني وقت موجب رات 12 لڳي 43 منٽن تي ڪعبت الله جي مٿان هوندو، اهو 2023 ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو ٿيندو.انجنيئر ماجد ٻڌايو ته چنڊ 93 سيڪڙو روشن هوندو، ان سان گڏ ٻيا چمڪندڙ ستارا به آسمان تي ڏسي سگهبا.سندس چوڻ هو ته ان دوران دنيا جي مختلف حصن ۾ قبلي جي رُخ جو به آساني سان پتو لڳائي سگهبو.