اداڪار محب مرزا ۽ صنم سعيد شادي جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي: اداڪار محب مرزا پنهنجي ساٿي اداڪارا صنم سعيد سان ٻي شادي جي تصديق ڪري ڇڏي.آڪٽوبر 2019 ۾ پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور جوڙي آمنا شيخ ۽ محب مرزا جي 14 سالن کانپوءِ عليحدگي ٿي وئي هئي.ٻنهي ستارن 2005 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ کين هڪ ڌيءَ به آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ محب مرزا ٻي شادي جي تصديق ڪئي هئي پر هن زال جو نالو نه ٻڌايو هو، هاڻ محب مرزا جي ٻي گهرواري به سامهون اچي وئي آهي.نجي ٽي وي تي اداڪار فهد مصطفيٰ جي پروگرام ۾ محب مرزا ۽ صنم سعيد شرڪت ڪئي، جتي ميزبان ٻنهي جي شادي جو اعلان ڪيو ۽ کين مبارڪباد به ڏني.ياد رهي ته صنم سعيد 2015 ۾ پنهنجي دوست فرحان حسن سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هنن پاڪستان ڇڏي ڏنو هو پر ڪجهه ذاتي اختلافن جي ڪري 2018 ۾ انهن جي به عليحدگي ٿي وئي.