80

افغان بارڊر ويجهو سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي داعش جا 4 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر: ضلعي ۾ افغان بارڊر ويجهو سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا سي ٽي ڊي ترجمان موجب ضلعي خيبر ۾ افغان بارڊر وٽ ڪارروائي ڪئي وئي مبينه دهشتگردن ڇاپي دوران فائرنگ شروع ڪري ڏني جوابي ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا سي ٽي ڊي موجب مارجي ويلن جو تعلق دهشتگرد تنظيم داعش سان آهي مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ اڪرام الله مرسلا خان ۽ ارشاد جي نالن سان ٿي آهي دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ 3 ڪلاشنڪوف 12 ميگزين 2 هينڊ گرنيڊ ۽ ڪيترائي ڪارتوس به شامل آهن سي ٽي ڊي ترجمان موجب اونداهي جو فائدو وٺندي 2 کان 3 دهشتگرد افغان بارڊر طرف فرار ٿي ويا فرار ٿيل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو