الله کان سواءِ ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪيس، نه وري ڪارڪنن کي جهڪڻ ڏيندس: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان الله کان سواءِ ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪيس ۽ نه وري ڪارڪنن کي جهڪڻ ڏيندس.لاهور زمان پارڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان الله جي سواءِ ڪنهن جي آڏو نه جهڪيس نه ئي پنهنجي ڪارڪنن کي جهڪڻ ڏيندس . ڪارڪنن جهڙي طرح جيل ڀريو تحريڪ ۾ شرڪت ڪئي اها اڳرائي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي. 26 سالن جي تحريڪ ۾ اڄ ڪارڪنن جو جيڪو جذبو ڏٺو ان تي رب جو شڪر ادا ڪريان ٿو. مان هڪ قوم کي تيار ٿيندي ڏسي رهيو آهيان.عمران خان چيو ته شهباز شريف سڄي دنيا ۾ وڃي خيرات گهري رهيو آهي ، ڪير به کيس پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. الله جو حڪم آهي ت سچائي سان بيهي رهو ۽ برائي سان وڙهو. پاڪستان تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترو بدحال ناهي ٿيو ان جو سبب موجوده حڪومت آهي.هن چيو ته شهباز شريف کي مختلف ڪيسز ۾ سزا ملڻ واري هئي پر جنرل(ر) باجوه کيس بچائي وزيراعظم بنائي ڇڏيو. گهرو وزير راڻا ثناءُالله کان وڏو بدمعاش ٻيو ڪير به نه آهي. هن 18 قتل ڪيا آهن. آصف زرداري جيڪو سموري راند کيڏي رهيو آهي، جنهن مخالفن کي قتل ڪرايو، مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪرايو اهو به اربين روپين جي چوري ۾ گرفتار ٿيڻ وارو هو پر باجوه کيس بچائي ورتو.نوازشريف تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته چور لنڊن ۾ ويهي ملڪ جا فيصلا ڪري رهيو آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو جڏهن ملڪ جا وڏا وڏا چور ملي وڃن ته ملڪ ڊيفالٽ نه ٿيندو ته ٻيو ڇا ٿيندو.عمران خان چيو ته جنهن قوم ۾ برائي سان وڙهڻ جي همت ناهي هوندي اها غلام بڻجي ويندي آهي. ڪربلا ۾ ڪوفي جي ماڻهن کي خبر هئي ته حضرت امام حسين حق جي رستي تي آهي پر انهن يزيد جي ڊپ کان اسلام جي تاريخ جو سڀني کان وڏو ظلم ٿيڻ ڏنو.. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن زرداري ۽ شريف خاندان پنهنجا پئسا ملڪ ۾ کڻي اچن ته ملڪ کي خيرات گهرڻ جي ضرورت نه پوندي.