لاهور:پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز عمران خان جي امڪاني گرفتاري واري معاملي ۾ ٽوئٽر تي گدڙ جي تصوير شيئر ڪندي چيو آهي ته نوازشريف مهرباني ڪري ٿوري بهادري عمران خان کي اوڌر تي ڏئي ڇڏيو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان مٿان تنقيدي وار ڪندي. مريم نواز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ نوازشريف کي مينشن ڪيو ۽ چيو ته مهرباني ڪري ٿوري بهادري عمران خان کي اوڌر تي ڏئي ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ مريم نواز وڌيڪ چيو ته شينهن جڏهن بي ڏوهي به هوندو آهي تڏهن به هو ڌيءَ جو هٿ جهلي لنڊن مان پاڪستان اچي گرفتاري ڏيندو آهي ۽ گدڙ چور هجي ته گرفتاري کان ڊڄي ٻين جي ڌيئرن کي ڍال بڻائي لڪي ويندو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز لکيو ته ٻاهر نڪر ڊڄڻا ماڻهو، اڳواڻ ۽ گدڙ جي فرق جي باري ۾ قوم کي خبر پئجي چڪي آهي. ياد رهي ته عمران خان يج گرفتاري لاءِ اسلام آباد پوليس جي ٽيم گرفتاري وارنٽ کڻي زمان پارڪ پهتي هئي پر اسلام آباد پوليس موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان نه مليو، ان بابت آفيسرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.