سکر : نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان مسلم ليگ ن سکر جي وفد ضلعي صدر خورشيد ميراڻي، جنرل سيڪريٽري اعظم خان آغا عارف دراني جن پريس ڪلب پهچي منتخب عهديدارن کي گلن جو هار پارائي مبارڪون ڏنيون، جڏهن ته سکر جي اخبار فروش هاڪرن جي وفد به محمد يوسف ۽ شهاب الدين جي اڳواڻي ۾ اهلسنت والجماعت جي وفد رشيد احمد شاهه ۽ سيد اڪبر گرديزي، جڏهن ته وڪيلن جي وفد ايڊووڪيٽ آغا هارون خان، ايڊووڪيٽ آصف شيخ ۽ ايڊووڪيٽ هيرانند جن به پريس ڪلب پهچي نئين منتخب صدر امداد ڦلپوٽو، سينيئر نائب صدر رئوف عباسي، نائب صدر عارف ميمڻ، سيڪريٽري پرويز خان، جوائنٽ سيڪريٽري عاشق جتوئي، اسسٽنٽ سيڪريٽري شاهد سولنگي، خازن سيد ڪامران علي، آفيس سيڪريٽري شبير جوگي، سينيئر صحافي ساحل جوگي، فقير عادل ابڙو، سينيئر ڪيمرا مين مظفر منگي ۽ کي گلن جا هار پارائي اجرڪ اوڍايا ويا، ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سنڌ چيپٽر جي صدر سعيد جان بلوچ خاص طور تي شرڪت ڪئي.سعيد جان بلوچ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب ٿوري وقت ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، پاڪستان مسلم ليگ ن سکر جي صدر خورشيد ميراڻي ۽ جنرل سيڪريٽري اعظم خان چيو آهي ته سکر نيشنل پريس ڪلب جا صحافي پنهنجي قلم سان غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪري رهيا آهن. شهر جي مسئلن کي اعلا اختيارين تائين پهچائڻ ۾ ڪوشان آهن جڏهن ته ٻيا صحافي ۽ پريس ڪلبن ۾ سياسي پارٽي جي خوشامد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اهلسنت والجماعت جي اڳواڻ رشيد احمد شاهه چيو آهي ته نيشنل پريس ڪلب جي صحافين کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن تڪليفن جي باوجود حق جو رستو نه ڇڏيو، ايڊووڪيٽ آغا هارون خان، ايڊووڪيٽ هيرانند، ايڊووڪيٽ عبدالحسين گل حسن کوسو ۽ ٻين چيو ته سکر نيشنل پريس ڪلب جي صحافين چونڊون ڪرائي سکر ۾ صحافتي جمهوريت جو بنياد وڌو آهي، جڏھن ته آخر ۾ سکر نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر امداد ڦلپوٽو ۽ سيڪريٽري پرويز خان سڀني جو شڪريو ادا ڪيو.