راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته عمران خان تي پابندي ۽ گرفتاري جي لاءِ پوليس اماڻڻ سان خبر پوي ٿي ته پي ڊي ايم جي ويجهو هن ملڪ جو مسئلو مهانگائي ۽ معاشي تباهي ناهي پر عمران خان جي گرفتاري ۽ پابندي آهي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نوازشريف مهانگن اسٽورن جا چڪر لڳائي رهيو آهي ۽ غريب سستي بازا ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن. شيخ رشيد چيو ته پي ڊي ايم چونڊون ملتوي ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. چونڊ شيڊول به هن هفتي اچي ويندو.شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي آخرڪار ٻوڏ متاثر ياد اچي ويا. جنهن کان پوءِ هن چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ وزارتن مان نڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ هو تمام جلد آمريڪا جو چوٿون دورو ڪندو.