83

سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون آئيني اداري کي تڪراري نه بنايو وڃي: خواجه آصف

اسلام آباد : دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان سمورين پارٽين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون آئيني اداري کي بحث جو موضوع بنائڻ ۽ تڪراري بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي دفاع واري وزير خواجه آصف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ازبڪستان جو دورو ڪامياب رهيو وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس ۾ پاڪستان جو موقف اٿاريو وزيراعظم شهباز شريف ميمبر ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون جڏهن ته چين ۽ روس جي صدر پاران دوري جي دعوت پڻ ڏني وئي شهباز شريف نومبر جي پهرين هفتي ۾ چين جو سرڪاري دورو ڪندو هن چيو ته وزيراعطم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ٻوڏ صورتحال بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ۽ ميمبر ملڪن وزيراعظم کي تعاون جو يقين ڏياريو چيني صدر وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته اسان اوهان جي عمليت پسندي کان واقف آهيون يوڪرين بابت موقف تي روس پاڪستان جي تائيد ڪئي جڏهن ته وزيراعظم ٻن ڏينهن کان پوءِ ٿيندڙ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ به ويندو خواجه آصف چيو ته 6 مهينا اڳ جڏهن اقتدار سنڀاليو ته تمام گهڻيون پريشانيون هيون دنيا اڄ پاڪستان جي مدد لاءِ تيار آهي ايندڙ ڏينهن دوران شين جون قيمتون گهٽ ٿينديون هن چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ڪي پي ڪي ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير ٻوڏ صورتحال دوران ڪٿي به نظر نه آيا سياري جي شروعات ٿي چڪي آهي ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جڏهن ته ڏڪار جي صورتحال کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اسان کي امڪاني ڏڪار کان بچڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو دفاع واري وزير چيو ته عمران خان هڪ ئي رٽ لڳائي رکي آهي ته مون کي اقتدار واپس ڪريو ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي لالچ ٿي سگهي ٿي جو هن عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف کي چيو ته پئسا نه ڏيو هن چيو ته اسان سمورين پارٽين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون ڇو ته تڪراري ڳالهين سان ادارا ۽ ملڪ جو احترام مجروح ٿيندو آهي نومبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف اهم اداري جي سربراهه جي مقرر ڪندو ان لاءِ آئيني فرض کي بحث جو موضوع بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي خواجه آصف چيو ته عمران خان هر معاملي کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي عمران خان چوندو رهندو آهي ته نه کيڏندس نه ئي وري کيڏڻ ڏيندس

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو