اسلام آباد : ٽيليفون ڪال جي معاملي تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل اسلام آباد اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين کي طلب ڪري ورتو اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ۽ ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير تيمور جهگڙا وچ ۾ تيليفون ڪال جي معاملي تي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم سرڪل اڳوڻي ناڻي واري وزير جي طلبي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو شوڪت ترين کي 21 سيپٽمبر صبح جو 10 وڳي سائبر رپورٽنگ سينٽر اسلام آباد ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ چيو ويو آهي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف انڪوائري 15 سيپٽمبر تي ارشد محمود جي درخواست ڪي پي ڪي جي ناڻي واري وزير تيمور جهگڙا سان فون ڪال جي بنياد تي شروع ڪئي وئي نوٽيس جي متن ۾ شوڪت ترين کي مخاطب ٿيندي چيو ويو آهي ته فون ڪال ۾ اوهان تيمور جهگڙا کي ڀڙڪائي رهيا آهيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت وفاقي حڪومت کي فسڪل بجيٽ جي واڌو رقم واپس نه ڪري ته جئين ائين ڪرڻ سان وفاقي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مسئلا پيدا ٿين نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اوهان ذاتي حيثيت سان 21 سيپٽمبر تي صبح جو 10 وڳي ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم سرڪل ۾ پيش ٿيو ته جيئن اوهان جو بيان رڪارڊ ڪري سگهجي جيڪڏهن اوهان پيش نه ٿيو ته ان جو مطلب هوندو ته اوهان وٽ پنهنجي دفاع ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ياد رهي ته گذريل مهيني شوڪت ترين، تيمور جهگڙا ۽ پنجاب جي وزير محسن لغاري جي فون تي ڪيل ڳالهيون سامهون آيون هيون جنهن ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير مختلف قدمن ذريعي وفاقي حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيو هو
