67

تحريڪ انصاف جا 100 کان وڌيڪ ڪارڪن جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور :پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ آپريشن ۾ گرفتار 102 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ جوابدارن جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتيو. عدالت جوابدارن کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڊيوٽي جوڊيشل مئجسٽريٽ غلام رسول پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پوليس جوابدارن کي سخت سيڪيورٽي هيٺ عدالت مان وٺي واپس رواني ٿي وئي.ٻئي طرف پوليس عمران خان جي گذريل ڏينهن جوڊيشل ڪمپليڪس اچڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن طرفان هنگامو، ۽ باهين جي الزام ۾ اڳوڻي وزيراعظم خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.اسلام آباد کان پوءِ لاهور ۾ به زمان پارڪ ۾ حددخلين خلاف آپريشن کان پوءِ ايليٽ فورس جون گاڏيون ۽ پوليس اهلڪارن تي تشدد جي معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف وڌيڪ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.ڪيس جي مدعي پوليس اهلڪار شفيق پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي 40 ڪارڪنن ڊيوٽي تان واپس ويندي بدترين تشدد جو نشانو بنايو. ٻيو ڪيس ايليٽ فورس جي گاڏي تباهه ڪري واهه ۾ اڇلائڻ تي داخل ڪيو ويو. ٻنهي ڪيسن ۾ دهشتگردي، قتل جو ارادو ۽ ڦر سميت سنگين قلم لڳايا ويا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو