اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.گهرو وزير راڻا ثناءُالله شيرين مزاري جو هڪ ٽوئٽ قانوني ڪارروائي لاءِ ايف آءِ اي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.راڻا ثناءُالله چيو آهي ته پوليس آفيسرن خلاف ڪوڙ ڳالهائي عوام کي ڀڙڪائڻ وڏو ڏوهه آهي. سوشل ميڊيا تي پوليس سميت ادارن خلاف پروپيگنڊه ۽ ڪوڙين وڊيوز تي آپريشن ڪلين اپ ڪنداسين.هن چيو ته پرڏيهي ايجنٽ جي رياست خلاف راند سامهون اچي چڪي آهي، کيس آخري انجام تائين پهچائينداسين.