مفت اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي انوکي شرط سامهون اچي وئي

لاهور: جهنگ ۾ غريبن کي مفت اٽي جي ورهاست بدنظمي جو شڪار ٿي وئي. شهري پهريان نئون سم وارو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائين ان کان پوءِ مفت اٽو حاصل ڪن.جهنگ ۾ سستي اٽي کان پوءِ مفت اٽو ملڻ مشڪل بڻجي ويو، يوٽيلٽي اسٽور ٻاهران پهريان عورتون ڌڪا کائين، ڊگهي انتظار کان پوءِ انتظاميه طرفان اعلان سامهون آيو ته سم وارو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو ان کان پوءِ اٽو حاصل ڪريو. جنهن وٽ سم وارو سڃاڻپ ڪارڊ هوندو ان کي اٽو ملندو، ٻئي ڪنهن کي به اٽو نه ملندو.اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پهتل عورتن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. عورتن موجب هڪ 10 ڪلو اٽي جي پٺيان عوام کي خوار ڪري ڇڏيو آهي جنهن وٽ سم وارو سڃاڻپ ڪارڊ آهي ان کي به اٽو نه پيو ڏنو وڃي.عورت موجب ڪلاڪن کان لائين ۾ بيٺل آهيان، شوگر جي مريض آهيان مون کان ته بيٺو به نه پيو ٿئي مون کي اڃان تائين اٽو ناهي مليو. يوٽيلٽي اسٽور تي ويٺل انتظاميه موجب سوفٽ ويئر اپ ڊيٽ ناهي جنهن سبب مسئلا پيش اچي رهيا آهن. يوٽيلٽي اسٽور جي انتظاميه موجب ميسيج ته آيل آهن پر جيستائين اسان جا سسٽم اوڪي نه ٿيندا تيستائين اٽو نٿا ڏئي سگهون، اسان وت جيڪي اسڪينر آهن ان ۾ اسڪين ٿيندو ان کان پوءِ اٽو ڏينداسين ٻئي صورت ۾ اٽو نٿا ڏئي سگهون.انتظاميه موجب مفت اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي وڏي رش آهي، اسان وٽ سيڪيورٽي به ناهي پهتي جنهن سبب افراتفري پکڙيل آهي.