51

آرمي چيف خلاف مهم برداشت نه ڪرڻ جوڳي ۽ ادارن خلاف سازش جو حصو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ادارن خلاف مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف پرڏيهه ۾ ڪُڌي مهم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف خلاف مهم برداشت نه ڪرڻ جوڳي ۽ ادارن خلاف سازش جو حصو آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان ادارن ۽ ان جي سربراهن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي مقرر ٿيل آرمي چيف خلاف مهم ملڪ دشمنن جي ايجنڊا ئي ٿي سگهي ٿي.وزيراعظم چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ محب وطن پاڪستاني پرڏيهي فنڊنگ مهم خلاف آواز اٿارين. هي زهريلي سياست کي پرڏيهي پاڪستانين ذريعي پکيڙي رهيا آهن.وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرو وزير ملڪ اندر ادارن خلاف ڪُڌي مهم هلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏئي، پاڪستان ۾ افراتفري ۽ فساد کي هوا ڏيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قوم پنهنجن ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ شرپسندن خلاف متحد آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو