اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هڪ ٻئي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي.آڊيو ۾ وڪيل خواجه طارق رحيم ڪنهن جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته عورت جيڪا ڳالهائي رهي آهي ان کي صحيح طرقي سان جواب ڏيڻ گهرجي.ثاقب نثار چيو ته ضرورت پيش آئي ته اوهان کي چئي ڇڏينداسين اوهان سائيڊ تي ڌماڪو ڪري ڇڏجو ، مون ۾ ايتري طاقت آهي، برداشت ڪري سگهان ٿو. مون کي مايوس يا پريشان ناهي ٿيڻو.جواب ۾ خواجه طارق رحيم چيو ته مون کي ٻڌائي ڇڏجو، جيئن چوندو تيئن ٿي ويندو.ياد رهي ته ان کان اڳ به اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي هڪ مبينه آڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي پر هن ان جي باري ۾ چيو هو ته اها آڊيو ڪوڙي آهي.
