لاهور: : پي ٽي آءِ طرفان زمان پارڪ پوليس آپريشن جي حوالي سان مريم نواز، راڻا ثناءُالله ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رهائشگاهه زمان پارڪ ۾ پوليس طرفان ڪيل آپريشن تي مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله، آءِ جي پنجاب، سي سي پي او سميت ٻين خلاف ريس ڪورس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي.ٻئي طرف ريس ڪورس ٿاڻي جي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي درخواستگذار سيشن عدالت ۾ 22 اي ۽ 22 بي جي درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آءِ جي پنجاب زمان پارڪ آپريشن مريم نواز ۽ راڻا ثناءُالله جي حڪم تي ڪيو. زمان پارڪ آپريشن دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پوليس کي واقعي تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني پر ڪيس داخل نه ڪيو ويو. عدالت مريم نواز، راڻا ثناءُالله سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
