53

عمران خان حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

لاهور: اڳوڻو وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت جي لاءِ پيش ٿي ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي زمان پارڪ گهر تي پوليس آپريشن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عمران خان جسٽس طارق سليم شيخ جي آڏو پيش ٿيو.عمران خان پنهنجي موقف ۾ چيو ته پوليس چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، ڀڃ ڊاهه ڪئي. ملڪيت کي نقصان پهچايو. 18 مارچ تي زمان پارڪ آپريشن قانون جي ابتڙ ڪيو ويو. بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 17 مارچ تي جاري ڪيل حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. عدالت لاڳاپيل ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري.عمران خان زمان پارڪ کان اسپيشل اسڪواڊ سان گڏ روانو ٿيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ وڌيڪ ڪارڪن نه هئا. جڏهن ته پوليس جي نامل سيڪيورٽي ساڻس گڏ هئي. هو سگنل تي بيهندو ڪورٽ پهتو.توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنج رڪني لارجر بينچ جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ نااهلي جي قدم کي چئلينج ڪيو آهي.هوڏانهن هاءِ ڪورٽ جو 2 رڪني بينچ عمران خان جي 2 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪندو. عمران خان اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت داخل 2 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي. عدالت عمران خان کي 02:15 تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت عمران خان جي صحيح اسڪين هجڻ جو شڪ ظاهر ڪندي سندس وڪيل کي تصديق جي هدايت ڪئي هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو