لاهور: هاءِ ڪورٽ 1990ع کان 2001 تائين جو توشه خانه رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاصم حفيظ شهري منير احمد جي درخواست اڪلائي ڇڏي، درخواستگذار پاڪستان ٺهڻ کان هينئر تائين توشه خانه مان ورتل تحفن جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست ڪئي هئي.عدالت 1990ع کان 2001 تائين جو توشه خانه رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جنهن دوست ملڪ تحفا ڏنا اهو به ٻڌايو وڃي، ڪابه شيءَ لڪائي نٿي سگهجي. سمورو رڪارڊ پڌرو ڪيو وڃي.وفاقي حڪومت طرفان تحفن جا ذريعا ٻڌائڻ جي هدايت تي اعتراض ڪيو ويو هو. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسان کي هن خلاف اپيل داخل ڪرڻي آهي.جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اپيل اوهان جو حق آهي. بغير پئسا ڏيڻ جي ڪوبه تحفو نٿا رکي سگهو. گذريل ڏينهن جي ٻڌڻي ۾ وفاقي سرڪار جي وڪيل چيو هو ته توشه خانه جو سال 2000 کان اڳ جو رڪارڊ منظم شڪل ۾ نه آهي. ان کان اڳ ٻڌڻي تي عدالت توشه خانه جو 1990ع کان 2001ع تائين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
