52

ٻاهرين مالياتي خاطرين کانپوءِ پاڪستان سان ايندڙ قدم کڻنداسين: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته ٻاهرين ڀائيوارن جي وقت تي مالي امداد پاڪستان سان نائين جائزي جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ ۾ اهم هوندي ۽ مالياتي خاطرين کانپوءِ پاڪستان سان ايندڙ قدم کڻنداسين.آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معيشت سست اوسر جي شرح سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، پاڪستاني معيشت کي وڏي مالياتي ضرورتن جهڙا چئلينج آهن ۽ اهي سڀ چئلينج پاڪستان کي ٻوڏ سبب پيش آيا.آءِ ايم ايف موجب نائون جائزو مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، پاڪستاني اختيارين فيصلائتن قدمن تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهي قدم پاڪستاني معيشت کي مستحڪم ۽ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ آهن.آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته ٻاهرين ڀائيوارن جي وقت تي مالي امداد جائزي جي ڪاميابي يقيني بڻائڻ ۾ اهم هوندي، پاڪستان کي ٻين مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن کان به سهڪار يقيني بڻائڻو آهي، اهڙين خاطرين کانپوءِ پاڪستان سان ايندڙ قدم کڻنداسين.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو