قلم 144 ڀڃڪڙي ڪيس: راولپنڊي عدالت فياض الحسن چوهاڻ جي ضمانت منظور ڪري ورتي

راولپنڊي: عمران خان جي جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد پهچڻ تي قلم 144 جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي کان پوءِ راولپنڊي جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ايڊيشنل سيشن جج عرفان اڪرم فياض الحسن چوهاڻ کي 50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي سندس ضمانت منظور ڪري ورتي.پنجاب جي اڳوڻي صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سميت 200 جوابدارن خلاف راولپنڊي جي ٿاڻي نصيرآباد ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب جوابدارن عمران خان جي جوڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ پيشي جي موقعي تي قانون هٿ ۾ کڻندي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت به ڪئي هئي.عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته سموري پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.فياض الحسن چوهاڻ دعويٰ ڪئي ته آئين ۽ قانون موجب اليڪشن ڪميشن کي ڪوبه اختيار ناهي ته هو چونڊن جي تاريخ ڏئي. سپريم ڪورٽ کان مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن تي آرٽيڪل 6 لڳايو وڃي. سمورين پابندين جي باوجود پي ٽي آءِ اڄ لاهور ۾ جلسو ڪندي.