62

تحريڪ انصاف جو مينار پاڪستان تي جلسو: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

لاهور: تحريڪ انصاف جو مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ جلسي کي نظر ۾ رکندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل الرٽ موجب پابندي مڙهيل تنظيم مينار پاڪستان جلسي کي نشانو بنائي سگهي ٿي.پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ لاهور جي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ جلسو ڪري رهي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مينار پاڪستان جلسي بابت ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم مينار پاڪستان جلسي کي نشانو بنائي سگهي ٿي. پابندي مڙهيل تنظيم سياسي ريلين ۽ زمان پارڪ کي نشانو بنائي سگهي ٿي.ٿريٽ الرٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ قيادت ۽ اجتماعن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.اختيارين طرفان سيڪيورٽي خدشن جي باري ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جلسي جي حوالي سان لاهور ۾ شاهدره کان ايم اي او ڪاليج تائين سڀاڻي صبح تائين ميٽرو بس سروس معطل ڪئي وئي آهي. ميٽرو بس سروس بند هجڻ سان مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پوندو. انتظاميه موجب اڄ رات کان سڀاڻي صبح تائين شاهدره کان ايم اي او ڪاليج تائين ميٽرو بس سروس بند رهندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو